ٽنڊوالهيار(رپورٽر) ٽنڊوالهيار جي تاريخ جي وڏي فراڊ ۾ گھربل جوابدار محسن خانزادو گرفتار نه ٿي سگهيو آهي.  جنهن ڪري  متاثر ماڻھو مايوسي جو شڪار ٿي ويا آهن. ان ڏس ۾ ٽنڊوالهيار شهر جي قلعا ايريا ۾ پاڪولا جي ايجنسي هلائيندڙ محسن خانزادي پاران ماڻهن سان هڪ ارب رپين جو فراڊ ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. اي سيڪشن ٿاڻي تي ڪيتريون ئي درخواستون ۽ هڪ ايف آئي آر داخل ٿيڻ کانپوءِ ايس ايس پي ٽنڊوالهيار محسن خانزادي کي هٿ ڪرڻ جو ٽارگيٽ ٽنڊوالهيار جي سي آءِ اي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي. ٽنڊوالهيار ۾ مختلف پرائيويٽ ڪمپنين ۾ پيسا لڳائي هر مهيني نفعو ڏيندڙ محسن خانزادي جي مبينا فراڊ ۾ ٽنڊوالهيار جو نالي واريون شخصيتون به پهنجا ڪروڙين روپيا وڃائي ويٺيون آهن. 95 ڪروڙ  جون 5 کان 6 درخواستون ٽنڊوالهيار جي اي سيڪشن ٿاڻي تي جمع ڪرايون ويون آهن درخواستگزارن ۾ ناصر قادري عزيزبلوچ  مرتضا لغاري نوازبلوچ ۽ٻيا شامل آهن، جڏهن ته وڌيڪ ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته 50 کان 60 ماڻھون اوهي آهن جيڪي پوليس کي پهنجا نالا راز ۾ رکڻ جو چئي سامهون نه اچي رهيا آهن جنهن ۾ سياسي ۽ سرڪاري ماڻھو به شامل آهن.