پي ٽي آءِ جي احتجاج دوران ڀڃ ڊاهه جو ڪيس داخل

0
169

اسلام آباد: تحريڪ انصاف جي ملڪگير مظاهرن دوران ڀڃ ڊاهه ۽ ٻين واقعن جا پي ٽي آءِ جي اڳواڻن خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا آھن

اسلام آباد جي آءِ نائين ٿاڻي تي داخل ڪرايل ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جا 24 اڳواڻ نامزد  ڪيا ويا آھن

پوليس جي مدعيت ۾ داخل ڪرايل ڪيس ۾ علي احمد اعواڻ، عامر محمود ڪياني، واصف قيوم، چوڌري شعيب ۽ ٻين جا نالا شامل آھن

پوليس موقف اختيار ڪيو آهي ته نامزد جوابدارن پوليس تي حملو ڪيو ۽ سرڪاري ملڪيتن کي نقصان به پهچايو

ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته جوابدارن جي ڏنڊن ۽ پٿرن سان ڪيل حملي ۾ ايف سي جا 9 ۽ پوليس جا 5 اهلڪار زخمي ٿي پيا