ٽنڊوميرعلي (ن پ ا) ٽنڊوميرعلي ۽ ڀرپاسي رمضان جو مهينو شروع ٿيندي ئي منافعي خور واپارين شهر ۾ عام واهپي جي شين جا اگهه وڌائي ڇڏيا آهن، دڪاندارن پاران سرڪاري اگهن واريون لسٽون گم ڪيون ويون آهن، اوپن مارڪيٽ ۾ کاڌي پيتي جي شين ۾ اضافي ٿيڻ سبب غريب عوام يوٽيلٽي اسٽورن ڏانهن رخ ڪيو آهي، جڏهن ته عوام پاران يوٽيلٽي اسٽورن تي عام واهپي جي شين جي محدود اسٽاڪ جون دانهون پڻ ڪيون آهن، ان حوالي سان شهرين دانهيندي چيو ته واپارين شهر ۾ عام واهپي جي شين جا هٿرادو اگهه مقرر ڪري ڇڏيا آهن، جنهن سبب ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان آهيون، هنن چيو ته شڪايتن باوجود انتظاميا دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، نوٽيس وٺي مهانگائي ختم ڪري رليف فراهم ڪيو وڃي.