دولتپور صفن (ن پ ا) دولتپور صفن ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر قاضي احمد دادن خان لاشاري دڪانن تي ڇاپا هڻي ريٽ لسٽون ۽ مدي خارج شين جي جاچ ڪئي. ان کان علاوه شھر اندر سري عام کليل ھوٽلن تي پڻ ڇاپا هڻي ڏنڊ وصول ڪيا ۽ وڌيڪ ھوٽل مالڪن کي رمضان مھيني دوران پابندي سان ڏينھن جو ھوٽلون بند رکڻ جون ھدايتون پڻ ڪيون. ان سان گڏوگڏ ڀلاري مهيني ۾ مهانگي اگهه تي بغير ريٽ لسٽ جي فروٽ ۽ سبزي وڪرو ڪندڙ دڪاندارن تي ڏنڊ هنيو ويو. ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر قاضي احمد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته وڌيڪ اگهه وٺندڙن کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو. هن چيو ته اڄ به مهانگائي جي شڪايتن تي ڪاروائي ڪئي آهي ۽ وڌيڪ اگهه وٺندڙن تي ڏنڊ ھنيو آهي ۽ انهن کي سختي سان پابند ڪيو آهي ته ريٽ لسٽن مطابق اگهه ورتا وڃن.