ڳجهي ٽئڪس جا مامرا مون کي ڄاڻ ڏيڻ بنا جمع ڪرائڻ غيرقانوني آهي:سيرينا عيسيٰ

0
501

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ايف بي آر چيئرمين طرفان منهنجي ڳجهي ٽئڪس جا مامرا مون کي ڄاڻ ڏيڻ بنا جمع ڪرائڻ غيرقانوني آهي، سپريم ڪورٽ طرفان مون کي ايف بي آر ڏانهن اُماڻن وارو حڪم به صحيح نه هو، عدالت فيصلو ڪرڻ وقت منهنجي ڪاغذن جو صحيح نموني جائزو نه ورتو، سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ نظرثاني درخواست تي ٻڌڻي دوران سيرينا عيسيٰ طرفان فيصلو واپس وٺڻ جِي استدعا ڪئي وئي آهي، جسٽس منيب اختر ريمارڪس ڏيندي چيو ته اِهو ممڪن ناهي ته ججز طرفان سائل جي مرضي سان دستاويزن جو جائزو ورتو وڃي، عدالت طرفان سيرينا عيسيٰ کي دليل مختصر ڪرڻ جِي هدايت ڪئي وئي آهي.