پيروسڻ (ن پ ا) رمضان جو مھيني اچڻ شرط ئي پيروسڻ ۾ عام واھپي جي شين ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو ٿي ويو آھي، شهر ۾ اٽو 80 رپيا، ننڍو گوشت 1200، وڏو گوشت 600، مرغي 500، مڇي 500، کنڊ 105، گيھه 230، آئل 300، ڀينڊي 100، ڪريلا 150، واڱڻ 150، ٽماٽا 18، پٽاٽا 100 ۽ بصر 100 رپيا ڪلو وڪامجي رهيا آهن، جنهن سبب غريب عوام سخت پريشان آهي، ان حوالي سان شهر جي سياسي سماجي اڳواڻن دانيهندي چيو ته واپارين شهر ۾ هٿرادو مهانگائي ڪري عام واهپي جي شين جا اگهه وڌائي ڇڏيا آهن پر انتظاميا سندن خلاف ڪابه ڪارروائي نه ڪئي آهي، هنن چيو ته ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان آهيون، نوٽيس وٺي مهانگائي ختم ڪري رليف فراهم ڪيو وڃي.