شيخ ڀرڪيو (ن پ ا) شيخ ڀرڪيو اسسٽنٽ ڪمشنر ٽنڊومحمدخان شين جا وڌيڪ ريٽ وٺندڙ دڪاندارن خلاف ڪاروائي ڪري 5 هزار رپين کان وڌيڪ ڏنڊ وصول ڪيا. اسسٽنٽ ڪمشنر شهر جي مختلف بازارن جو به دورو ڪري عام واهپي جي شين جا اگھ معلوم ڪيا. ان موقعي تي جن دوڪانن تي ريٽ لسٽون نه هئڻ ڪري سخت وارننگ ڏني وئي ۽ عام واهپي جي شين جا من پسند اگھ وصول ڪندڙ دوڪاندارن ،ريڙهي وارن کان مجموعي طور تي 5000 کان مٿي ڏنڊ وصول ڪيو. ايس او پيز تي عمل نه ڪندڙ ۽ ماسڪ کان بغير سامان وڪرو ڪندڙ دوڪاندرن کي به وارننگ ڏني وئي ،هر صورت ۾ ايس اوپيز تي عمل ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو.