ٽنڊوآدم (ن پ ا) ٽنڊوآدم ۾ سوئي گئس جي11 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ۽ اضافي بلن خلاف عورتن ۽ شھرين ريلي ڪڍي سوئي گئس آفيس ۽ پريس ڪلب اڳيان ڌار ڌار احتجاجي مظاهرا ڪيا، ان موقعي تي محمد علي ملڪ، اختر علي، آصف علي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته شھر سميت ڀرپاسي  وارن علائقن ڳوٺ الھيار مري، ڳوٺ خير محمد مري ۽ ٻين علائقن ۾ سوئي گئس جي 11 ڪلاڪ لوڊ شيڊنگ سبب سخت پريشان آهيون، رڌ پچاءُ ۾ سخت ڏکيائيون آهن، هنن چيو ته گئس نه ھئڻ جي باوجود ھزاين رپين جا ڳرا بل اچي رهيا آهن، نوٽيس ورتو وڃي.