جيڪب آباد(رپورٽر) جيڪب آباد ۾ ريسڪيو 1122 سروس غيرفعال بڻيل، شهرين پاران شڪايتون، جيڪب آباد ۾ شهرين پاران ريسڪيو 1122 جي سروس غيرفعال هئڻ جون شڪايتون سامهون اچڻ لڳيون آهن شهرين سهيل احمد، انيس احمد، ظفر علي ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته رات توڙي ڏينهن جي وقت ڪيترائي ڀيرا هنگامي حالتن ۾ ريسڪيو 1122 تي فون ڪئي آهي ڪال به وڃي ٿي پر ڪو عملو ڪال کڻي ڳالهائڻ لاءِ تيار نه آهي ايمبيولنسز کي اسين رڳو شهر ۾ خالي گشت ڪندي ڏسون ٿا ڪٿي ڪنهن کي مريض کي کڻي ويندي ناهي ڏٺو صحت کاتي ۾ شڪايتون ڪيون ته هنن چيو ته ريسڪيو 1122 بااختيار ادارو آهي اسان جي ڪنٽرول ۾ نه آهي، لاڳاپيل ادارن کان گهر ڪئي آهي ته جيڪب آباد ۾ مقرر ريسڪيو 1122 جي سست عملي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.