ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار بڻيا ٻوڏ متاثرن جو سگهارو آواز، اينڪرپرسن مهتاب نور ايوارڊ سان نوازجي ويو

0
408
اينڪرپرسن مهتاب نور ايوارڊ سان نوازجي ويو
ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار بڻيا ٻوڏ متاثرن جو سگهارو آواز، اينڪرپرسن مهتاب نور ايوارڊ سان نوازجي ويو

ڪراچي: سنڌ ۾ برساتي ٻوڏ دوران ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جي پليٽ فارم تان ٻوڏ متاثرن لاءِ ڪم ڪرڻ تي ٽائيم نيوز جي اينڪرپرسن مهتاب علي نور کي مڃتا طور بهترين ايوارڊ سان نوازيو ويو

آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ سماجي تنظيم طرفان تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ مختلف ادارن سان واڳيل اينڪرز، ايڊيٽرز، فوٽو گرافرز، ڪئمرامينز ۽ ٻين شرڪت ڪئي

سماجي تنظيم سنڌ ۾ برساتي ٻوڏ دوران پنهنجي ماروئڙن جو سگهارو آواز بڻجڻ تي ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار سٿ جي واکاڻ ڪئي
اُن موقعي تي ٽائيم نيوز جي اينڪرپرسن مهتاب علي نور جي بهترين ڪم جي واکاڻ سان گڏ کيس مڃتا طور ايوارڊ سان نوازيو ويو
اُن کان اڳ به ٽائيم نيوز جي اينڪرپرسن مهتاب علي نور کي سماجي تنظيم طرفان بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻ ۽ بهترين انداز ۾ نيوز پڙهڻ توڙي ڪرنٽ افيئرز تي ڳالهائڻ تي مهتاب علي نور کي ايوارڊ سان نوازيو هو