صوبا ورهائڻ جو ڪم خورشيد شاهه کي ڏيڻ تي پ پ کي واڌايون هجن: نندڪمار

0
433

ڪراچي: جي ڊي اي جي ايم پي اي نند ڪمار گوڪلاڻي چيو آهي ته صوبا ورهائڻ جو ڪم خورشيد شاهه کي ڏيڻ تي پيپلز پارٽي کي واڌايون هجن، پيپلز پارٽي هاڻي سنڌ ڪارڊ کيڏڻ بند ڪري، عوام کي سڀ خبر پئجي وئي آهي
سنڌ اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي نند ڪمار گوڪلاڻي چيو ته نون صوبن واري معاملي تي سنڌ جي هڪ ٻئي ايم اين اي به غداري ڪئي
هن چيو ته ڀارت ۾ ايتريون ڌوتيون تبديل نه ٿينديون آهن، جيتريون هن غدار ايم اين اي پارٽيز تبديل ڪيون آهن
نندڪمار چيو ته وڏي وزير جي تقرير مان ائين لڳو ته سنڌ ۾ ٻوڏ ڄڻ اپوزيشن آندي هجي
جي ڊي اي ايم پي اي چيو ته سوا ڪروڙ ٻوڏ متاثرن مان رڳو 6 سيڪڙو ماڻهن کي خيما ملي سگهيا، امدادي سامان ۾ گهوٻيون هڻي وڏي ڪرپشن ڪئي وئي

ھي به پڙھندا

ڊاڪٽر سيف الرحمان ايڊمنسٽريٽر ڪراچي مقرر

ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽرشپ متحده کي ڏيڻ جو فيصلو، جماعت اسلامي جي مخالفت