ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽرشپ متحده کي ڏيڻ جو فيصلو، جماعت اسلامي جي مخالفت

0
267
ڪراچي جو نئون ايڊمنسٽريٽر اڄ

ڪراچي ۾ مرتضيٰ وهاب جي جاءِ تي ايم ڪيو ايم پاران نامزد ڪيل ڊاڪٽر سيف الرحمان کي ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

ايم ڪيو ايم پاڪستان ڊاڪٽر سيف الرحمان جو نالو فائينل ڪيو، ذريعن موجب پيپلزپارٽي ڊاڪٽر سيف الرحمان کي ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڊاڪٽر سيف الرحمان گورنر جو پرنسپل سيڪريٽري ۽ پاڪستان ايڊمنسٽريشن سروس سان واڳيل 20 هين گريڊ آفيسر جو آهي

نئين ايڊمنسٽريٽر لاءِ ايم ڪيو ايم پاران سياسي مقرري طور عبدالوسيم جو نالو به ڏنو ويو هو ڪراچي جو ايڊمنسٽريٽر قبول ناهي

Karachi still among world's 10 least liveable cities - World - DAWN.COM

جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان رد عمل ڏنو آهي ته پيپلزپارٽي جي ايڊمنسٽريٽر جي جاءِ تي ايم ڪيو ايم جو ايڊمنسٽريٽر قبول نه ڪنداسين

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حافظ نعيم چيو ته ايم ڪيو ايم پيپلزپارٽي جي ڦرلٽ ۾ ڀائيوار ٿيڻ چاهي ٿي، اسان جو مطالبو آهي ته سياسي ايڊمنسٽريٽر کي فوري طور هٽايو وڃي

هن چيو ته پيپلزپارٽي جي سياسي ايڊمنسٽريٽر کي هٽائي ايم ڪيو ايم جو ايڊمنسٽريٽر لڳايو پيو وڃي، جيڪو اسان کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه آهي

ھي به پڙھندا

نه ڪيراسان جو فيورٽ آھي ۽ نه ئي وري ڪنهن جي خلاف آهيون: چيف اليڪشن ڪمشنر