سکر(رپورٽ: فاروق سومرو) پي ڊي ايم اي ٻوڏ ۾ 4 هزار ماڻهو فوت ٿيڻ ۽ رڳو 232 خاندانن کي 10-10 لک رپيا معاوضو ڏيڻ ۽ 60 هزار تنبو غائب ٿيڻ جو انڪشاف ڪيو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ انتظاميا ۽ پي ڊي ايم اي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڪروڙين ماڻهن کي رليف ناهي مليو، سندن زندگيون خطري ۾ آهن، سنڌ حڪومت متاثرن ۾ امداد پهچائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي. سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر ۾ جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس عبدالمبين لاکو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ سکر ڊويزن جي برسات متاثرن جي واهر ۽ پاڻي نيڪال نه ٿيڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. سنڌ فلڊ ايمرجنسي بحالي جو پروجيڪٽ ڊائريڪٽر جاويد ميمڻ، ڊپٽي ڪمشنر خيرپور، گهوٽڪي، پي ڊي ايم اي ۽ ٻيا آفيسر پيش ٿيا ۽ رپورٽون جمع ڪرايون. جسٽس صلاح الدين پنهور ريمارڪس ڏيندي چيو ته سنڌ 2010 کان 2022ع تائين ٽي ڀيرا ٻڏي چڪي آهي سيڪريٽري ايريگيشن پيش ناهي ٿيو ان جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻا پوندا، هن مهل ڪروڙين ماڻهو تڪليف ۾ آهن انهن جون زندگيون خطري ۾ آهن انهن کي رليف ناهي ملي سگهيو. پي ڊي ايم اي عملدارن انڪشاف ڪيو ته 60 هزار کان وڌيڪ تنبو (خيما) غائب آهن، خيرپور مان 26 هزار ۽ سکر مان 20 هزار ۽ نوشهرو فيروز مان 15 هزار خيما گم ڪيا ويا آهن. 4 هزار کان وڌيڪ برسات ۽ ٻوڏ متاثر ماڻهو مري ويا آهن جن مان 232 فوتين جي وارثن کي 10-10 لک روپيا معاوضو ڏنو ويو آهي. جسٽس صلاح الدين پنهورچيو ته برسات متاثر هن مهل به دربدر آهن لکين ۽ ڪروڙين ماڻهن جون زندگيون خطري ۾ آهن جيڪڏهن ڊپٽي ڪمشنرن ۽ آفيسرن مٿان ثابت ٿيو ته امدادي سامان جي ورهاست صحيح ناهي ٿي ته ڊپٽي ڪمشنرن مٿان توهين عدالت ۾ فرد جرم لاڳو ڪيو ويندو. جاويد ميمڻ ٻڌايو ته ورلڊ بئنڪ جي سهڪار سان بحالي جو 2 ارب ڊالر جو پراجيڪٽ آهي. جسٽس صلاح الدين پنهورچيو ته فلڊ ايمرجنسي ڪميشن رپورٽ جي آڌار تي پاڻي جا پراڻا لنگهه، سم نالا ۽ ڍورا بحال ڪيا وڃن سنڌ کي ٻن ماڻهن جي حوالي نٿو ڪري سگهجي ان ۾ سڀئي اسٽيڪ هولڊر شامل هجڻ گهرجي خيرپور ضلعو ٻڏي ويو ٿر جي ڊزرٽ ايريا ۾ ڀرجي ويل تلاءُ سبب آبادي وارن علائقن کي  بچائڻ لاء 2 ڪروڙ خرچ ٿي وڃڻ وارو سبق ڪنهن ٻئي کي ٻڌايو. جسٽس صلاح الدين وڌيڪ چيو ته ورلڊ بئنڪ جي طرفان ملندڙ پئسا فلڊ اسڪيمن جي بحالي تي خرچ ڪيا وڃن جيئن ٻيهر ڪروڙين ماڻهو دربدر نه ٿين. پي ڊي ايم اي ۽ سنڌ حڪومت بار وڌو ڊپٽي ڪمشنرن مٿان ۽ انهن ڪاميٽيز جي سربراهن سول ججن مٿان بار وڌو آهي پي ڊي ايم اي آفيسر ۽ انتظامي آفيسرز متاثر علائقن ۾ وڃي ڪم ۽ بحالي جي معاملن کي چيڪ ڪن جيڪڏهن ايم اين اي، ايم پي اي يا سيڪريٽري جي مداخلت آهي ته نالو کڻي ٻڌايو ان خلاف قدم کڻنداسين جسٽس صلاح چيو ته برسات سبب جيڪي انساني جانيون ضايع پيون ٿين انهن جي نشاندهي ڪيو ته اسان ايف آء آر ۽ معاوضي ڏيڻ جو آرڊر پاس ڪيون جيڪڏهن آفيسرن جي رٽ هجي ها ته برساتي پاڻي ڪڏهن جو نيڪال ٿي وڃي ها. سينيئر وڪيل شبير شر پي ڊي ايم اي طرفان گهوٽڪي کي 60 هزار خيما ڏيڻ جي رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي، ڊي سي گهوٽڪي عدالت کي ٻڌايو ته اسان کي 40 هزار خيما مليا آهن، نوشهروفيروز کي 50 هزار خيما پي ڊي ايم اي ڏنا، پر ڊي سي نوشهروفيروز پيو چوي 35 هزار خيما مليا آهن، خيرپور کي 86 هزار خيما پي ڊي ايم اي ڏنا پر ڊي سي خيرپور عدالت کي ٻڌايو ته اسان کي 60 هزار خيما مليا آهن. اهڙي طرح سکر مان 20 هزار خيما غائب آهن. عدالت چيو ته هزارين خيما غائب آهن ڇو نه لاڳاپيل عملدارن خلاف چارج فريم ڪيو وڃي، جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته هن وقت تائين عدالتي حڪم تي عمل نه ٿيڻ تي ڇو نه چيف سيڪريٽري سنڌ مٿان چارج فريم ڪيو وڃي. متاثرن تائين امدادي سامان نه پهچڻ جون شڪايتون اچي رهيون آهن. سٽيزن ڪميٽيز ۾ مقامي عورتن کي به شامل ڪيو وڃي. جنهن بعد عدالت پي ڊي ايم اي کي امدادي سامان ۽ فوت ٿيندڙ ماڻهن ۽ بي گهر ٿيندڙ متاثرين بابت انگ اکرن واريون رپورٽون ڊپٽي ڪمشنرن حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ڊي جي پي ڊي ايم اي ۽ لاڳاپيل اختيارين کي پيش تي 8 فيبروري تي تفصيلي رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.