پاڪستاني اداڪارائن جون اعتراض جوڳيون وڊيوز انٽرنيٽ تي موجود، عدالت جو اهم حڪم

0
795

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستاني شوبز انڊسٽري سان واڳيل اداڪارائن جون اعتراض جوڳيون وڊيوز وائرل ٿيڻ ۽ کين ڌمڪيون ڏيڻ بابت ڪيس ۾ عدالت اهم حڪم ڏنو آهي

سنڌ هاءِ ڪورٽ سوشل ميڊيا تي اداڪارائن خلاف اعتراض جوڳو مواد اپلوڊ ٿيڻ خلاف مهوش حيات ۽ ڪبريٰ خان جي درخواستن تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران ڌرين جا وڪيل پيش ٿيا

May be an image of 2 people, people standing and outdoors

پي ٽي اي، وفاقي حڪومت ۽ ايف آءِ اي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جواب جمع ڪرايو آهي، جڏهن ته عدالت پي ٽي اي، وفاقي  حڪومت ۽ ايف آءِ اي کان ٻيهر اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪئي آهي

جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو سوال ڪيو ته مون مواد هٽائڻ لاءِ هدايت ڪئي هئي، ڇا اُهو هٽايو ويو؟ جنهن تي جاچ آفيسر ٻڌايو ته معاملي جي جاچ هلي رهي آهي، مواد جلد هٽايو ويندو

هي به پڙهندا

اداڪارا ڪبريٰ خان يوٽيوبرز خلاف عدالت سان رابطو ڪري ورتو