سکر: سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر جي عدالت ٻوڏ متاثرن جي بحالي واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏيندي چيو ته هر فرد کي گهر فراهم ڪرڻ حڪومت جي ذميداري آهي حڪمرانن جي ناڪامي آهي جو هن وقت تائين متاثرن کي گهر ناهن مليا، جڏهن ته سنڌ حڪومت سان گڏ پي ڊي ايم اي جو ڪردار به انتهائي خراب آهي. پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ريهبليٽيشن عدالت کي ٻڌايو ته سنڌ حڪومت کي متاثرن جي مدد لاءِ ملندڙ ٻه ارب ڊالر جي مختلف فنڊز مان متاثرن جي مڪمل بحالي، پاڻي جي قدرتي گذر گاهن ۾ ڍنڍن جي بحالي تي ڪم ڪيو ويندو. وڪيل شبير شر موقف اختيار ڪيو ته هن وقت تائين هزارين خاندان ڪوٽڏيجي کان ٺري ميرواهه تائين ڪپرن تي بنا حڪومتي مدد جي ويٺل آهن. ڪپرن تي روڊ جي تعمير به ناهي ٿي. وڪيل مطابق لاڳاپيل عملدارن عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائي آهي ته ڪوٽڏيجي کان ٺري ميرواهه تائين ڪپر تي 40 ڪلو ميٽر روڊ جي تعمير لاءِ هڪ ارب 19 ڪروڙ روپيا گهربل آهن. جنهن لاء ڪميونيڪيشن کاتي کي لکيو آهي.