ٻانڌي (رپورٽ: طالب حسين) ٻانڌي ۾ ريلوي پٽڙي تي راند ڪندڙ ٻن ڌيئرن کي ٽرين جي ٽڪر کان بچائيندي عورت گنگا باگڙياڻي موقعي تي فوت، جڏھن ته سندس ٻئي ڌيئرون به زخمي ٿي پيون، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو ھو، جن مان نوابشاھ منتقل ڪيل 8 سالا سانتو نوابشاھ جي اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي وئي. مراد علي جمالي ڦاٽڪ ڀرسان ٽرين جي پٽڙي تي راند ڪندڙ پنھنجن ٻن ڌيئرن کي ٽرين کان بچائيندي عورت گنگا باگڙي ٽرين جي ٽڪر ۾ فوت ٿي وئي، سندس 8 سالن جي نياڻي سانتو زخمي ٿي پئي، جنھن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نوابشاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏھن ته فوتي عورت گنگا جي 3 سالن جي نياڻي جيويڪا کي رورل ھيلٿ سينٽر ٻانڌي ۾ داخل ڪيو ويو، جنھن کي طبي امداد ڏيڻ بعد فارغ ڪيو ويو، زخمين ۽ فوتي عورت کي ٻانڌي رورل ھيلٿ سينٽر پھچائيندڙ فوتي عورت جو سھرو صدمي ۾ اسپتال اندر بيھوش ٿي ويو جنھن کي ھڪ ڪلاڪ بعد ھوش ۾ آندو ويو. جڏھن ته لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، حادثي جي 12 ڪلاڪن بعد زخمي ٿيل 8 سالن جي سانتو زخمن جا سور نه سھندي نوابشاهه جي اسپتال ۾ فوت ٿي وئي، فوت ٿيل عورت پنھنجي مڙس ۽ سھري سميت سانگھڙ کان ٻانڌي آيل ھئي جتي سبزي جي مزدوري ڪندا ھئا.