رنگون(م ڊ) ميانمار ۾ پورهيتن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي هزارين ماڻهن مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ۽ فوجي بغاوت جي مخالفت ڪئي. احتجاجي مظاهرا منڊالي، رنگون ۽ باگو جهڙن وڏن شهرن ۾ ڪيا ويا. هزارين ماڻهن اسان آخري دم تائين وڙهنداسين ۽ فوج اسان جي حڪمران ڪڏهن نه ٿي ٿي سگهي جهذرا نعرا هنيا. جن کي روڪڻ جي ڪوشش به ڪئي وئي. ٻئي طرف گڏيل قومن جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته فوجي بغاوت کانپوءِ جاري تشدد ۽ هنگامن جي ڪري اتي ساڍا 30 لک ماڻهو بک جو شڪار ٿي سگهن ٿا. جڏهن ته گڏيل قومن ميانمار ۾ فوج کان ملڪ ۾ جمهوريت جي بحالي جو مطالبو ڪيو آهي.