اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ايون فيلڊ ۽ العزيزيه ريفرنس ۾ نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن صفدر جون اپيلون 24 مئي تي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيون، ساڳئي ڏينهن نيب جي نواز شريف جي سزا ۾ واڌ بابت اپيل جي ٻڌڻي به ڪئي ويندي، ٻڌڻي جسٽس عامر فاروق جي سربراهي ۾ ڊويزنل بينچ ڪندو، ان حوالي سان سمورين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن.