ٺٽو: ٺٽي  ضلعي اندر ٿڌ ۾ وڏي پئماني تي اضافي سبب  شهري توڙي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ پڻ وڏي انگ ۾ عورتون ، ٻارڙا ۽ وڏي عمر وارا ٿڌ ،، نزلي زڪام ، بخار ، ڇاتي ۾ تڪيلف ۽ کنگھ سان گڏ جھٽڪي واري بيماري ۾ پڻ مبتلا ٿي اسپتالن ڀيڙا ٿي ويا آهن. ضلعي اندر وڏي پئماني تي سيءَ ۾ واڌ سبب بيمارين جي وڌڻ باوجود ضلعي انتظاميه توڙي صحت کاتي پاران ڪي به جوڳاءَ اپاءَ ناهن ورتا ويا.