جاتي:  فشرفوڪ اڳواڻ نور محمد ٿهيمور دعويٰ ڪئي ته   ڀارتي جيل ۾ 95 مهاڻا بنا جواز قيد ڪاٽي رهيا آهن، جن جا خاندان فاقا ڪشي تي مجبور آهن، هن تڪ جي ايم پي اي ۽ ايم اين کان مطالبو ڪيو آهي ڀارتي جيلن ۾ قيد ماهيگيرن جي آزادي لاءِ جوڳا قدم کڻي سندن وارث خاندانن جي مالي مدد ڪن.