ٺاروشاهه(ن پ ا) ٺاروشاهه ھريپور محلي ۾ پسند جي شادي ڪندڙ جوڙي جي گهر تي مبينا حملو، فائرنگ، نوجوان زخمي، اغوا ڪرڻ جي ڪوشش، ٿاڻي تي اين سي داخل. ٺاروشاهه جي هريپور محلا ۾ 15 ڏينهن اڳ پسند شادي ڪندڙ جوڙي حليمان خانزاده ۽ شھباز خانزده کي مبينا طور گهر ۾ گهڙي اغوا جي ڪوشش ڪئي. مزاحمت تي پريمي شھباز خانزاده زخمي ٿي پيو. رڙين تي پاڙي وارا پهچي ويا. هٿياربند فرار ٿي ويا. جوڙي حليمان ۽ شھباز خانزاده ٻڌايو ته اسان 15 ڏينهن اڳ پسند جي شادي ڪئي هئي جنهن تان ناريءَ جا وارث ڪاوڙيل هئا ۽ اسان تي اغوا جو ڪيس داخل ڪرايو ھو، جنهن تي اسان پروٽيڪشن پڻ ورتي هئي ۽ اڄ اڳوڻو ڪائونسلر ٽڪا خان خانزاده، دانيال، وليد خانزاده، شاڪر خانزاده ۽ ٻيا گهر ۾ گهڙي ناريءَ کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا، مزاحمت تي هنن گوليون هلايون جنهن تي پاڙي وارا پهچي ويا جنهن تي هٿياربند فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا. هنن وس وارن کان مطالبو ڪندي چيو ته تحفظ ڏئي انصاف ڪيو وڃي. ٻئي پاسي ايس ايچ او ٺاروشاهه ٻڌايو ته جوڙو ٿاڻي تي پهتو آھي معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آھيون.