ڪرمپور (ن پ ا) ايس ايس پي جيڪب آباد پاران مختلف چوڪين تي مقرر پنج اهلڪارن کي لاڪ اپ ڪيو ويو آهي، پوليس اهلڪار محمد صديق بنگلاڻي، نورحسن، علي گوهر، امام بخش ۽ صدام بنگلاڻي کي بي سيڪشن ٿاڻي تي لاڪ اپ ڪيو ويو آهي، پنج ئي اهلڪار نصير شاخ، بخشڻ پهوڙ ۽ جونگل چوڪين تي مقرر ٿيل هئا. ايس ايڇ او بي سيڪشن جو چوڻ آهي ته ڏوهارين خلاف هلندڙ آپريشن جي سيڪريسي آئوٽ ڪرڻ تان ايس ايس پي جي حڪم تي اهلڪارن کي لاڪ اپ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ذريعن جو چوڻ آهي ته ڄاڻايل اهلڪارن کي مغوين جي بازيابي لاءِ ڏوهارين سان ٿيل ڊيل تحت ڏوهارين جي مطالبي تي لاڪ اپ ڪيو ويو آهي.