سٺ ميل (ن پ ا) سٺ ميل ۾ شادي نه ڪرائڻ تان نوجوان پاران آپگهات جي ڪوشش، نوجوان موٽرسائيڪل تي چڙهي سداواهه ۾ پاڻ کي اڇلائي ڇڏيو، شهرين کيس بچائي ورتو. والد کيس ڪٽڪو ڏيڻ بعد گهر وٺي ويو. سٺ ميل جي رهواسي نوجوان مقصود علي پٽ گل شير مري مائٽن پاران شادي نه ڪرائڻ تان ناراض ٿي نصرت ڪئنال سٺ ميل جي موري تان موٽرسائيڪل سميت پاڻ کي سداواهه ۾ اڇلائي خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن کي شهرين پهچي بچائي ورتو، خبر پوڻ تي سندس والد به پهچي ڪٽڪو ڏيڻ بعد کيس گهر وٺي ويو .