جروار (ن پ ا) يارولنڊ ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن جي بجلي هڪ مهيني کان بند هجڻ ڪري علائقي واسي سخت پريشان آهن، ٻي طرف بجلي جي بحالي لاءِ شهرين عبدالوحيد رباني، ڊاڪٽرغلام علي لنڊ، صدام حسين ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مين چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي هنن دانيهندي چيو ته سيپڪو عملدارن بنا جواز هڪ مهيني کان بجلي بند ڪري ڇڏي آهي، شڪايتن باوجود ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، بجلي تي هلندڙ ڪاروبار ٺپ آهي، هنن چيو ته برساتن سبب بجلي جا پول به ڪريل آهن، شهرين الزام هڻندي چيو ته سيپڪو عملدار هر سال هڪ هڪ گهر کان ڪڻڪ جو مڻ وٺندا هئا، هن سال ڪڻڪ انهن کي نه ملي، تنهن ڪري بجلي بند ڪئي وئي آهي، هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي بجلي بحال ڪئي وڃي، ٻي طرف سيپڪو لائين سپريٽنڊنٽ نظير احمد جلباڻي ٻڌايو ته يارولنڊ سميت ڳوٺن جا ماڻھون بجلي جا بل ادا نه ٿا ڪن، لکين رپيا جمع ڪرائين ته بجلي هلائي ويندي.