ميرپورماٿيلو (ن پ ا) ماڙي پيٽروليم ڪمپني ڏھرڪي پاران ٽن مقامي ملازمن کي نوڪرين تان نيڪالي ڏيڻ خلاف ملازمن جو ڊي سي گھوٽڪي جي آفيس اڳيان احتجاج جاري آھي، علامتي بک هڙتال ڪري محمد علي شر، ميان لطف شر ۽ ٻين دانهيندي چيو ته گيس ۽ تيل اسان جي زمينن مان ڪڍي سڄي ملڪ ۾ وڪرو ڪري ماڙي پيٽروليم ڪمپني اربين روپيا ڪمائي ٿي، جڏھن ته مقامي ماڻھن کي روزگار، صحت ۽ تعليم سميت ڪي به سھولتون نه ٿيون ڏنيون وڃن، نوڪرين تي ڌاريا ماڻھو ڀرتي ڪيا ويا آھن، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ٽنھي پورھيتن کي بحال ڪيو وڃي.