پيروسڻ (ن پ ا) ڳوٺ ميوو خان شر واسي نوجوان غلام مصطفيٰ شر پريس ڪلب پيروسڻ پهچي بااثر خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي هن دانيهندي چيو ته وڏيري مون مٿان بيگناھ تشدد ڪري مونکي 2 ڪلاڪ پنھنجي اوطاق ۾ قيد ڪيو، جتان آءُ وجھه وٺي پريس ڪلب تي پُھتو آھيان، ھن وڌيڪ چيو ته پوليس دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، نوٽيس وٺي تحفظ فراهم ڪيو وڃي، ٻئي طرف الزام ھيٺ آيل وڏيري علي گوھر شر ٻڌايو ته نوجوان غلام مصطففيٰ شر منھنجي اوطاق مان چوري ڪري رھيو ھو ته کيس پڪڙي ورتو، جنهن بعد سندس پيءُ انور ۽ سندس مامي وچ ۾ اچي برادري فيصلو ڏيڻ جي خاطري ڪرائي، هن چيو ته نوجوان کي قيد ڪرڻ جو لڳايل الزام بي بنياد آھي.