ٺاروشاهه (ن پ ا) ٺاروشاهه وچ شھر ۾ اسپتال روڊ تي چوپائي مال جي پڙي قائم ڪئي وئي. مال پڙي هولڊرن ڇنڇر آچر ڏينهن سنڌ حڪومت جي اعلانيل لاڪ ڊائون واري حڪم کي هوا ۾ اڏائي ڇڏيو. سوين ڀاڳيا مال ڪاهي مال پڙي پهچي ويا. مال پڙي هولڊرن پاران ڪورونا جي روڪ ٿام لاءِ ڪي به اپاءَ نه ورتا ويا. سنڌ حڪومت پاران اعلانيل لاڪ ڊائون ۽ ايس او پيز تي عمل نه ٿي سگهيو، پوليس به خاموش تماشائي بڻيل آهي. ٻئي پاسي سياسي سماجي اڳواڻن رضا محمد بھڻ، عبدالفتاح اڄڻ، اڪبر ماڇي ۽ ٻين چيو ته مال پڙي ھولڊرن مٿان ڪيس داخل ڪيا وڃن ۽ اجازت ڏيندڙن خلاف انڪواري ڪري کين سخت سزا ڏني وڃي، ٻي صورت ۾ ڊي سي نوشھرو فيروز جي آفيس آڏو ڌرڻو ھنيو ويندو.