نوشهروفيروز (رپورٽر) زراعت کاتي نوشهروفيروز جي ملازمن سياسي سماجي ڌرين سان گڏجي نويد، ھدايت الله، منظور، عبدالخالق سليمان، گلفام، وزير ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ الله واري چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪرڻ کان پوءِ ايڊيشنل ڊائريڪٽر ۽ يونين اڳواڻ خلاف نعري بازي ڪرڻ کان پوءِ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته زراعت کاتي نوشهروفيروز جي ڊي او غلام مصطفيٰ يونين اڳواڻ گل حسن گهانگهرو سان ملي زراعت کاتي ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن جي ڊفرنس جا بل پاس ڪرائي 55 سيڪڙو ڪميشن جي آڙ ۾ 32 ملازمن جا 55 لک رپيا هضم ڪري ويا آهن. هنن وس وارن کان مطالبو ڪندي کين اپيل ڪئي ته ڊي او زراعت غلام مصطفيٰ ميمڻ ۽ يونين اڳواڻ گل حسن گهانگهرو جي خلاف قدم کڻي جاچ ڪري کين هتان بدلي ڪري ملازمن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ اسان جو احتجاج جاري رهندو.