جمال شاهه (ن پ ا) جمال شاهه ۾ رمضان شريف جو ڀلارو مهينو شروع ٿيندي ئي منافعي خور دڪاندارن هر شيءِ جا اگهه چوٽ چاڙھي ڇڏيا، جڏهن ته مڇي 450 رپيا ، وڏو گوشت 600، مرغي 450، ڀينڊيون 130، ٽماٽا 50، آلو 50، گدرو 80، ونگا 100، چڪون 200، ڪيلا 130، چانور 180، گيهه 250، کنڊ 110 رپيا ۽ ٻيون عام واهپي جون شيون مهانگيون ڪري ڇڏيون. جڏھن ته شھر اندر ڪنهن به ڪريانه اسٽور يا سبزي جي دڪان تي ريٽ لسٽ لڳل ناهي. ھتان جي رھواسين علي گل مهر، الهورايو خان سولنگي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جمال شاھ شهر ۾ هر شيءِ مهانگي ٿي وئي آهي. هنن انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته شهر ۾ دڪاندارن کي ريٽ لسٽ تي عمل ڪرائي منافعي خورن خلاف ڪارروائي ڪري مهانگائي تي ضابطو آندو وڃي.