وڊيو ڪنهن جي ۽ ڄاڻائي ڪنهن ٻئي جي وئي

0
480

سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو وائرل ٿي وئي جنهن ۾ هڪ جوڙو ڊانس ڪندي نظر اچي رهيو آهي، وڊيو بابت سوشل ميڊيا تي ڄاڻايو ويو ته وڊيو ۾ نظر ايندڙ شخص ڊي جي اينٽي ڪرپشن آهي جيڪو هڪ عورت سان گڏ ڊانس ڪري رهيو آهي، پر وڊيو جي حقيقت ڪجهه ٻي ظاهر ٿي، اصل ۾ اها وڊيو پاڪستان نه پر ڀارت جي هئي، اصل وڊيو نڪيتا شرما جي آفيشل انسٽاگرام تي جاري ٿي، جتان بعد ۾ اها وڊيو وائرل ٿي، وڊيو تي ان ڳالهه جي به نشاندهي ڪئي وئي ته ڊانس ڪندڙ پيءُ ۽ ڌيءُ آهن، ان ڳالهه جي به نشاندهي ڪئي وئي ته اينٽي ڪرپشن جو ڊي جي ناهي ٿيندو پر ڊائريڪٽر هوندو آهي، سوشل ميڊيا تي اهو به چيو ويو ته بنا ڪنهن تصديق جي ڪو به مواد شيئر نه ڪيو وڃي، اهڙي قسم جي غلطي مهانگي پئجي سگهي ٿي.