اشو آف دي ڊي حڪمرانو خدارا پاڻي پهچايو، اجايو ماڻهون نه مارايو

0
146

زرعي جي کوٽ خلاف سوشل ميڊيا تي مهم هلائي پئي وڃي، قمبر ضلعي ۾ پاڻي جي واري تان ٿيل رتوڇاڻ جي مذمت ڪندي زرعي پاڻي جي کوٽ ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ رفيق ثمر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته اڃا اسان ڪيترا لاش ڍوئينداسين، پاڻي جي عالمي قانون تحت درياءَ تي پهريون پاڻي جو حق پوڇڙي واري علائقن جو آهي، جنھن تي عمل ٿي ئي نه ٿو، جنهن ڪري پوڇڙي وارا علائقا پاڻي لاءِ تڙپن ٿا نتيجي ۾ پوڇڙي واري پرامن ڌرتي تي ھاڻي پاڻي لاءِ جنگ شروع ٿي ويئي آهي صرف چئن ڏينهن اندر 6 آبادگار قتل ٿي ويا آهن ان جو ذميوار ڪير آهي ؟ جنهن تي ايڊووڪيٽ صدام کوسو لکيو ته حڪمران صرف ڪرپشن ڪرڻ ۾ پورا آهن، عوام ووٽ ڏيڻ کان اڳ سوچي.راجا الطاف پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته لعلو رائنڪ ۾ پاڻي جي واري تان جهيڙي ۾ قتل ٿيل ٽن ڄڻن جا ڪيس، وارهه ۽ قمبر جي ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز تي داخل ٿيڻ کپن. جنهن تي نهال ڪمار لکيو ته اتر سنڌ ۾ سرداري نظام جي ڪري ئي جهيڙا ختم نٿا ٿين، مظفر قاضي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته قمبر ضلعي ۾ پاڻي جي کوٽ سبب ٿيل 7 خونن جو ڪيس سنڌ جي آبپاشي وزير ۽ آبپاشي چيف سيڪريٽري تي داخل ڪيو وڃي. جنهن تي عرفان منان چانڊيو پاڻي چوري ۾ جيڪي سهولتڪار آهن انهن تي به ڪيس داخل ٿيڻ گهرجي، محمد علي چانڊيو لکيو ته آبپاشي وزير سان گڏ چونڊيل نمائندا به ذميوار آهن.خالد ٻگهيو لکيو ته سنڌ سرڪار تي ڪيس داخل ٿيڻ گهرجي.ايم صفر گوپانگ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته قمبر شهدادڪوٽ ضلعي ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ سبب ٿيل جهيڙن ۾ هڪ هفتي اندر 6 ڄڻا قتل ۽ هڪ درجن کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن، پوءِ به پاڻي جي کوٽ برقرار آهي. جنهن تي نياز حسين، عبدالرئوف بروهي،رحمت برويه ۽ ٻين افسوس جو اظهار ڪيو، منور مستوئي لکيو ته اسان جي ضلعي ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ آهي،عبدالحميد لکيو ته سمورن واقعن جو ذميوار رائيس ڪئنال جو انجنيئر آهي جيڪو پاڻي بند ڪري مختلف شاخن کي مبينا طور پئسن عيوض پاڻي ڏئي رهيو آهي. نثار کوکر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته هن درد جي ڪنهن کي دانهن ڏجي، قمبر ۾ پاڻيءَ جي کوٽ نيٺ ٽي خون ڪرائي وڌا، وزير مشير صرف سکڻا دورا ڪرڻ ۾ پورا آهن، پاڻي جي معاملي تان بوهڙ ۽ چانڊيا برادرين ۾ جهيڙو ٿي پيو پي پٽ سميت ٽي ماڻهو مارجي ويا. علائقو جنگ جو ميدان بڻيل پر انتظاميا خاموش آهي، حڪمرانو خدارا پاڻي پهچايو اجايو ماڻهون نه مارايو، جنهن تي ڪاشف خواجه لکيو ته درياءَ ۾ جهجهو پاڻي هئڻ باوجود لاڙ به سڪي پيو سجاول بدين ضلعن ۾ سارين جا ٻچ به نه پوکيا ويا آهن، شاهن مگسي لکيو ته هڪٻئي کي مارڻ ته مسئلي جو حل ناهي، شاهزيب لکيو ته پاڻي گهڻو آهي واهن شاخن کي پڪو ڪيو وڃي ها ته پاڻي کوٽ ايتري نه ٿئي ها، زاهد چانڊيو لکيو ته بهرام ويجهو مگسي ۽ مهر ذات جي ٻن ڌرين ۾ 2 ڄڻا به قتل ٿيا هئا، حفيظ هڪڙو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته قمبر ضلعي جي ميڊيا نمائندن قمبر ۾ پاڻي کوٽ خلاف صرف احتجاجن ۽ واقعن کي رپورٽ ڪيو پر ايريگيشن ۽ مقامي وڏيرن جي زبر دستي پاڻي کڻڻ ۽ واھن جا زبردستي دروازا بند ڪرڻ وارن معاملن کي نه رپورٽ ڪيو نه اسٽوريون ٺاھي سگھيا جنھن سبب معاملا مٿين سطح تي نه وڃي سگھيا، نتيجي ۾ وڌيڪ انساني جانيون ضايع ٿي ويون، شانل کوسو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته قمبر شهدادڪوٽ ۾ پاڻي جي ڪري روز انساني جانيون گولين جو کاڄ بڻجي رهيون آهن.