سوال/سروي پي ٽي آءِ ارباب رحيم جي اڳواڻي ۾ پ پ کي ٽف ٽائيم نه ڏئي سگهندي، پر پ پ جي ننڊ حرام ضرور ٿي آهي: عوام

0
470

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته سنڌ ۾ پي ٽي آءِ ارباب رحيم جي اڳواڻي ۾ پ پ کي ٽف ٽائيم ڏيڻ ۾ ڪيترو ڪامياب ويندي؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته ارباب رحيم جي اڳواڻي ۾ پي ٽي آءِ پاران پ پ کي ٽف ٽائيم ڏيڻ مشڪل آهي، پر في الحال پ پ وارن جي ننڊ حرام آهي، هاڻي ممڪن آهي ته سنڌ ۾ ون پارٽي سسٽم جو خاتمو اچي سگهي، ايندڙ عام چونڊن ۾ پ پ واضح اڪثريت حاصل نه ڪري سگهندي، پي ٽي آءِ، ايم ڪيو ايم ۽ ف ليگ وارا گڏيل حڪومت ٺاهي سگهن ٿا. ڪجهه ماڻهن اهو به چيو ته پ پ ٻيهر سنڌ ۾ حڪومت ٺاهيندي. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي غازي بجير لکيو ته پ پ کي ٽف ٽائيم ڏيڻ مشڪل آهي، نيڪ محمد لکيو ته ارباب ڪردار ادا ڪري ٿو، محسن ملاح لکيو ته ماضي جيان کين شڪست ئي نصيب ٿيندي پ پ ٻيهر سنڌ ۾ حڪومت ٺاهيندي، رزاق بجير لکيو ته ارباب رحيم کان جي ڊي اي جا پراڻا اتحادي ناراض آھن، حاجي خان پنهور لکيو ته سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻ جلال شاهه ارباب رحيم سان ملاقات ڪئي ٻين جي شرڪت نه هئي، گل حسن شر لکيو ته ڪو خاص فرق نه پوندو، فضل لکيو ته ايندڙ عام چونڊن ۾ پ پ واضح اڪثريت حاصل نه ڪري سگهندي، پي ٽي آءِ، ايم ڪيو ايم ۽ ف ليگ وارا گڏيل حڪومت ٺاهي سگهن ٿا، منصور سومرو لکيو ته پي ٽي آئي عوام جي ڪهڙي خدمت ڪئي آهي جو ارباب رحيم پ پ کي ٽف ٽائيم ڏيندو.بابر وساڻ لکيو ته پي ٽي آءِ توڙي پيپلزپارٽي هڪ سڪي جا ٻه پاسا آهن، رزاق عاصي لکيو ته سنڌ ۾ پ پ کي ٽف ٽائيم ڏيڻ مشڪل آهي، ممتاز علي لکيو ته ن ليگ پنجاب ۾ ڪيتري مضبوط هئي پي ٽي آءِ شڪست ڏئي ڇڏي، يونس نهڙي لکيو ته وقت ٻڌائيندو، علي اصغر قيصراڻي لکيو ته پ پ ۽ ارباب رحيم ۾ گهڻو فرق آهي، رياض احمد لکيو ته پ پ جا مخالف عوام دشمن آهن، فهد اياز لکيو ته ارباب پنھنجي دور ۾ مشرف جو ساٿاري رھيو آھي، خاموش خليل شر لکيو ته ارباب رحيم کي پاڻ سنڀالڻ ۾ گهڻو ٽائيم لڳندو، عبدالنبي شر لکيو ته هي ڇا ٽف ٽائيم ڏيندو، آسنداس لڇواڻي لکيو ته في الحال پ پ وارن جي ننڊ حرام آهي، مبين اڄڻ لکيو ته هڪ سيڪڙو به اهڙو چانس ناهي، ضمير بلوچ لکيو ته ارباب رحيم جنهن رفتار سان ھلي پيو پ پ کي ضرور ٽف ٽائيم ڏيندو، عبدالحفيظ ويسر لکيو ته سنڌ ۾ پ پ پ پيرن ميرن وڏيرن جي حوالي آهي جيڪو اھي چاھيندا اھو ٿيندو، اسد لغاري لکيو ته پي ٽي آءِ جو سنڌ ۾ ڪو به مستقبل نظر نٿو اچي، عبدالقدير ميمڻ لکيو ته آصف زرداري ھاڻي قابل قبول ۽ اعتبار جوڳو ناهي رھيو، آفتاب لغاري لکيو ته هاڻي ممڪن آهي ته سنڌ ۾ ون پارٽي سسٽم جو خاتمو اچي سگهي، لياقت نهڙي لکيو ته انشاءالله ڪامياب ٿيندو، برڪت مهر لکيو ته جيڪو لاڙڪاڻي ۾ پ پ مخالف اتحاد ٺهيو اهي اڳواڻ شڪست پ پ کي ڏئي سگهن ٿا باقي ارباب رحيم ناڪام ويندو، بشير مهر لکيو ته ارباب رحيم سان ڪو خاص فرق نه پوندو، بشير نهڙيو لکيو ته پ پ عوام کي رليف ناهي ڏنو، سردار ايم اي لنجو لکيو ته ارباب رحيم ڪامياب ويندو، مير منصف علي سولنگي لکيو ته عوام پ پ پ کان خوش نه آھي، امتياز مڱريو لکيو ته بقول ارباب رحيم جي ته آصف زرداري جي ڊيل ختم ٿي ويئي آھي، مير ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته عوام انهن کي رد ڪري چڪو آهي، آسودومل لوهاڻو لکيو ته پ پ کي پهريان به اتحادن مان ڪجهه نه ٿيو، محسن پتافي لکيو ته پ پ سنڌ ۾ پاور رکي ٿي ارباب غلام رحيم پنهنجي تڪ جي سيٽ هارائي آھي، عادل خان تنيو لکيو ته ارباب رحيم جهڙا ڪيئي آيا ويا، عابد ڪيريو، علجي کيمناڻي، رضاءُالله سحر، اشفاق پنهور، عبدالله چانڊيو، ممتاز علي، دلدار خاصخيلي،صبغتالله رند، جي ايم شر، محمد يونس، عطاءُالرحمان ميمڻ، محمد پريل عباسي، محمد الهيار، منير چانگ، زاهد مهر، شبير سهتو، جباري لغاري، صاحب خان ڪلمتي به سروي ۾ حصو ورتودلمراد راهمون، ظهر احمد شر، ڀانجي راجا، ذوالفقار علي مهراڻپوٽو،گل زيب ساند، احسان خاصخيلي، ماجد جمالي، عثمان پنهور، همت علي سخيراڻي، احسان رند، نجيب چانڊيو به راءِ جو اظهار ڪيو، ظهير لغاري، دريا خان لنجو، مهندر ڪمار، عاشق حسين، عصمت الله رند، صحبت راهمون، شهمير مهر، حبيب الله عمراڻي، مبارڪ علي نهڙي، نياز ڪلوئي، ديپڪ باغي، خادم گهراڻو، عبدالمنان بلوچ، اعجاز بجير، صدام بجير، شنڪر باغي، آصف دل، مقصود علي، فضل الرحمان بگٽي، نماڻو نوناري، ياسر عرفات کيڙو،بادل خان، غلام قادر خاصخيلي، شعيب لاشاري، عابد شر، منظور چانڊيو، غلام رسول راهمون، شاهجهان علي، ايم عشرت بروهي، عامر مهر،بشير ميراڻي، خالد لطيف ميمڻ، ڪامريڊ جعفر سنڌي، شاهنواز ڀٽي، مشتاق ڪنڀر، خادم ايچ سومرو، نذير احمد ۽ ٻين پڻ سروي ۾ حصو ورتو.