وفاقي ڪابينا طرفان توشا خانه مان تحفا خريد ڪرڻ تي پابندي هڻڻ جو فيصلو

0
226
وفاقي ڪابينا طرفان توشا خانه

اسلام آباد:وفاقي ڪابينا طرفان توشا خانه مان تحفا خريد ڪرڻ تي پابندي هڻڻ جو فيصلو ڪيوويو آهي، رڪارڊ به منظر عام تي آڻڻ جو اشارو ڏنو ويو آهي

وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، اجلاس دوران توشا خانه جي تحفن بابت رپورٽ پيش ڪئي وئي

اجلاس ۾ غور ويچار بعد سمورا تفصيل عوام آڏو پڌرا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ذريعن موجب پابندي تحت ڪنهن به حڪمران کي توشا خانه مان تحفو وٺڻ جي اجازت نه هوندي

ڪابينا اجلاس ۾ بجلي جي بريڪ ڊائون جو جائزو ورتو، وزيراعظم طرفان بريڪ ڊائون معاملي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو

وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ٻڌايو وڃي ته بجلي جو بريڪ ڊائون ڇو ٿيو؟ ۽ ترت بجلي بحاليءَ لاءِ قدم ڇو نه کنيا ويا

هي به پڙهندا

بجلي جو نظام مڪمل بحال ڪري ڇڏيو، ايندڙ 48 ڪلاڪ بجلي جي کوٽ رهندي: وفاقي وزير

محسن نقوي کي پنجاب جو نگران وڏو وزير پويان اُنهن جو هٿ آهي، جِن مون تي ڪاٽا هنيو آهي: عمران خان