حيدرآباد شوٽنگ بال ٽورنامينٽ نياز ڪلب کٽي ورتو

0
275

حيدرآباد (اسپورٽس نيوز) آل پاڪستان شوٽنگ بال ٽورنامينٽ نياز ڪلب حيدرآباد کٽي ورتو. ٽورنامينٽ  سڄي ملڪ مان 70 کان وڌيڪ ٽيمن وچ ۾ مقابلو ٿيو، فائنل ۾ نياز ڪلب حيدرآباد جي ٽيم احمد ٿيٻا ڪلب ٽنڊوالهيار کي 2-1 تان هارائي چيمپئن بڻجي وئي

ان موقعي تي ڪامياب ٽيم شاندار جشن ملهايو ۽ رقص پڻ ڪيوئ جڏهن ته آتشبازي جو مظاهرو پڻ ڪيو ويو

پڄاڻي واري تقريب ۾ ايم پي اي سردار خان محمد ڏاهري. ايم پي اي جبار خان، سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي چيئرمين آغا سهيل احمد، ڪاشف خان شورو، محمد عبير قاضي ۽ ٻين رانديگرن ۾ انعام ۽ ٽرافيون ورهايون محبوب سولنگي کي مين آف دي ٽورنامينٽ. عباس جويا کي مين آف دي ميچ جو ايوارڊ ڏنو ويو