پسند شادي نه ٿيڻ تي آپگهات ڪندڙ جوڙي جي مجسمن جي شادي

0
899
پسند شادي نه ٿيڻ تي آپگهات

نئين دهلي(انٽرسٽنگ نيوز) دنيا ۾ ٻارن جي پسند تي والدين جو شادي کان انڪار به آپگهات جي واقعن ۾ واڌ ڪري ڇڏيندو آهي ۽ هڪ اهڙو ئي واقعو ڀارتي گجرات ۾ پيش آيو پر آپگهات جي واقعي کانپوءِ جوڙي جي والدين هڪ انوکو فيصلو ڪيو

ڀارتي ميڊيا موجب گذريل سال گجرات جي ضلعي تاپي جي هڪ گهراڻي ۾ شادي لاءِ والدين جي مخالفت کانپوءِ ناريءَ ۽ نوجوان جي آپگهات جو واقعو پيش آيو هو

ٻارن جي آپگهات کانپوءِ والدين کي پنهنجي غلطي جو احساس ٿيو ۽ هنن پنهنجو پڇتاءُ گهٽائڻ لاءِ ٻارن جي آپگهات جي هڪ سال کانپوءِ هنن جا مجسما ٺاهي هنن جي شادي ڪرائي ڇڏي

ڀارتي ميڊيا تي ان انوکي ۽ مجسمن جي شادي جي وڊيو به شيئر ڪئي وئي آهي جنهن ۾ پنڊت کي مجسمن جي شادي ڪرائيندي ڏسي سگهجي ٿو. مجسمن کي شاديءَ جو لباس پهرائي باقاعده گهوٽ ۽ ڪنوار جيان تيار ڪيو ويو هو

هي به پڙهندا

ڪنوار شاديءَ واري ڏينهن وار ڪَتري سڀني کي روئاري ڇڏيو