جيڪب آباد ۾ مبينا اغوا ٿيل ناري جي وارثن جو ڊي سي چوڪ تي ڌرڻو

0
229

جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد ۾ مبينا اغوا ٿيل ناري جي وارثن طرفان ڊي سي چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو، جيڪب آباد جي چنا پاڙي مان مبينا  اغوا ٿيل ناري جي وارثن پاران ڊي سي چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو

ناري شهربانو شيخ جي وارثن پاران عورتن ۽ ٻارڙن سميت ٽائر ساڙي ڌرڻو هنيو ويو، ڇتي نعريبازي ڪئي وئي، ناري جي وارثن جو چوڻ هو ته هفتو اڳ پوليس اھلڪار عبدالغني ڀٽي  جو پٽ دلاور شھربانو شيخ کي اغوا ڪري ويو، پوليس مدد نٿي ڪري

علائقي ۾ چوٻول آهن ته ناري شهربانو شيخ ۽ دلاور ڀٽي  پسند جو پرڻو ڪري ڇڏيو آهي

هي به پڙهندا

نوري آباد: پسند پرڻو ڪندڙ ناري مڙس هٿان قتل، ڪيس داخل