اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سڌ سماءَ جي وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته هڪ سال شهباز شريف معاشي استحڪام جو ٻج پوکيو ته نتيجو عوامي رليف جي شڪل ۾ اچي رهيو آهي، هڪ سال ۾ نفرت، انتشار، فساد ۽ هٿياربند جٿن جي تربيت جو ٻج پوکڻ جو نتيجو 9 مئي جو سانحو هوندو آهي، سياسي انتشار کان نڪري ملڪ سياسي ۽ معاشي استحڪام جي راهه تي هلي پيو آهي، حڪومت آءِ ايم ايف پروگرام پورو ڪرڻ لاءِ پر عزم آهي. پريس ڪانفرنس ڪندي سڌ سماءَ جي وفاقي وزير مريم اورنگزيب وڌيڪ چيو ته معيشت سوئچ آن ۽ سوئچ آف بٽڻ نه آهي، ان جي لاءِ مسلسل محنت ڪرڻي پوندي آهي جنهن جو فائدو عوام کي ملڻ شروع ٿي ويو آهي، موجوده حڪومت هڪ سال ۾ پاڪستان جا 15.3 ارب ڊالر جو ايڪسٽرنل قرض ادا ڪيو، موجوده حڪومت 3 هزار 513 ارب رپين جي اندروني قرضن جون ادائگيون ڪيون، ڊالر جي قدر ۾ 27 رپين جي رڪارڊ گهٽتائي تعميري ذهن جي محنت ۽ معاشي بهتري جي قدمن جو نتيجو آهي، هن چيو ته وزيراعظم بجيٽ تي تمام شعبن کان تجويزون وٺندو، ايندڙ هفتي اهو عمل شروع ٿيندو، بجيٽ اچڻ تائين وزيراعظم پاڻ مختلف اجلاسن جي صدارت ڪندو، وزيراعظم جي 1800 ارب رپين جي هاري پيڪيج ۽ ٻين قدمن جي ڪري هلندڙ سال ڪڻڪ جي رڪارڊ پيداوار ٿي. هڪ صحافي سوال ڪيو ته هي پهرين پريس ڪانفرنس آهي جنهن ۾ عمران خان جو نالو نه ورتو ويو آهي، جنهن جي جواب ۾ هن چيو ته پريس ڪانفرنس ملڪ جي ترقي، شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي، معاشي ۽ سياسي استحڪام تي هئي جنهن ۾ نه تاريخ ۾، نه حال ۾ ۽ نه مستقبل ۾ ان جو نالو ان جو نالو وٺي سگهجي ٿو، صرف نواز شريف ۽ شهباز شريف جو نالو وٺي سگهجي ٿو.