اسلام آباد (بيورو رپورٽ) فيڊرل بورڊآف ريوينو يعني ايف بي آر مئي 2023ع ۾ مقرر ٽيڪس حدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي, ايف بي آر مئي مهيني ۾ مجموعي طور  605 ارب رپين جو روينيو گڏ ڪيو ڪري ورتو . 621 ارب رپين جي هدف جي مقابلي ۾ مئي 2023ع دوران 572 ارب رپين جي خالص ٽيڪس گڏ ڪئي وئي، 33 ارب رپين جا ريفنڊ جاري ڪيا ويا، ڊوميسٽڪ انڪم ٽيڪس جي مد ۾ 205 ارب رپيا جمع ڪيا ويا جيڪي مئي 2022 جي مقابلي ۾ 57 سيڪڙو وڌيڪ آهن، ايف بي آر ڊوميسٽڪ سيلز ٽيڪس جي مد ۾ تقريباً 100 ارب رپيا جمع ڪيا آهن جيڪي گذريل سال جي مقابلي ۾ 28 سيڪڙو وڌيڪ آهن، فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي جي مد ۾ تقريباً 41 ارب رپيا گڏ ڪيا ويا، جيڪي گذريل سال جي مقابلي ۾ 32 سيڪڙو وڌيڪ آهن، ڊوميسٽڪ ٽيڪسز جي مد ۾ مجموعي طور تي 44 سيڪڙو اضافو حاصل ڪيو ويو، آمريڪي ڊالر جي شرح جي لحاظ کان مئي 2022ع جي مقابلي ۾ مئي 2023 ۾ امپورٽ ۾ 73 سيڪڙو گهٽتائي واقع ٿي، ان عرصي دوران ڳري ڊيوٽي ۽ متفرق شين جي امپورٽ ۾ جوڳي گهٽتائي ٿي آهي، ڪسٽمز ڊيوٽيز جي مد ۾ 18 سيڪڙو ۽ امپورٽ سطح تي ٽيڪسن جي وصولي ۾ 11 سيڪڙو گهٽتائي جي باوجود ايف بي آر گذريل سال جي مقابلي ۾ مجموعي طور تي 16 سيڪڙو گروٿ حاصل ڪئي آهي.