اسلام آباد (بيورو رپورٽ) بجيٽ کان پهريان يوٽيلٽي اسٽورن تي مختلف شيون مهانگيون ڪيون ويون آهن، ذريعن مطابق يوٽيلٽي اسٽورز تي جيمز جي 450 گرام قيمت ۾ 74 رپين تائين واڌ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ذريعن جو چوڻ آهي ته يوٽيلٽي اسٽورز تي ماکي جي 500 گرامي قيمتن ۾ 101 رپيا، في ڪلو چڪن اسپريڊ جي قيمتن ۾ 190 رپيا، في ڪلو مايونيز جي قيمت ۾ 100 رپيا، ڪيچپ جي 800 گرام قيمت ۾ 79 رپيا، ساسز 800 گرام قيمت ۾ 79 رپيا، في ڪلو آچار جي قيمت ۾ 80 رپيا، جونشاندي جي قيمت ۾ 3 رپيا، اسپغول جي قيمت ۾ 30 رپيا، جڏهن ته عرق ۽ سيرپ جي قيمتن ۾ 20 کان 40 رپين تائين اضافو ڪيو ويو آهي، ذريعن مطابق يوٽيلٽي اسٽورز تي وڌايل قيمتون فوري طور تي لاڳو ڪيون ويون آهن.