قمبر/ وارهه ( نمائندن وٽان) وزير اعظم شهباز شريف طرفان برسات سبب ٿيل نقصان جو جائزو وٺڻ لاءِ جوڙيل ٽيم جا 2 ميمبر ايم اين اي کيئل داس ڪوهستاني ۽ ايم اين اي عامر مگسي جائزو وٺڻ لاءِ قمبر جي ايف پي بچاءَ بند تي پهتا، جتي ڊي سي قمبر بريفنگ ڏيندي کين ٻڌايو ته  برساتي ٻوڏ سبب قبوسعيد خان، وارهه ۽ قمبر تعلقي جي 12960 گهرن ۽ 12 روڊن جو به 96 ڪلوميٽرن تائين جو نقصان ٿيو آھي، برسات سبب هڪ ڄڻو فوت ۽ 20 زخمي ٿيا آھن 6 پلون به تباهه ٿيون، 81 جانور به لڙھي مري ويا. جڏھن ته 41 هزار 500 ايڪڙ زرعي زمين ٻڏي وئي، جنهن ۾ ڪڻڪ، ٻاجهري، جوئر ۽ ساريالو فصل پوکيل هو، جڏھن ته ٻوڏ متاثرن ۾ 3  هزار راشن بيگ، 900 خيما، 2800سو مڇردانيون ۽ 400 کٽون ۽ ٻيو سامان ورهايو آھي، جيڪو پي ڊي ايم اي طرفان موڪليو ويو هو.جڏھن ته مارڪيٽ مان 400 راشن بيگ، 4 کاٽي واريون مشينون، 6 ٽريڪٽر ٽراليون خريد ڪيون آھن، جڏھن ته وڌيڪ راشن ۽ ٻئي سامان جي ضرورت آھي.ڊي سي قمبر وزيراعظم پاران جوڙيل ٽيم کي سفارش ڪئي ته متاثر علائقن جي آبادگارن کي ڀاڻ ۽ ٻج سستي اگهه تي ڏنو وڃي، ايف پي بچاءَ بند ۽ ايم اين وي جي ڪپرن جي مرمت جي ضرورت آھي، جڏھن ته ڪاڇي وارن علائقن ۾ پاڻي کي اسٽور ڪرڻ لاءِ ننڍا ڊيم ٺاهڻ جي ضرورت آھي.کيئل داس ڪوهستاني ۽ عامر مگسي خطاب ڪندي چيو ته اسان کي وزير اعظم نواز شريف طرفان برساتي پاڻي جي ٿيل نقصانن جو جائزو ۽ ڪاٿو لڳائڻ لاءِ موڪليو آھي، سموري رپورٽ کيس ڏينداسين، جيڪي گهر ڊهيا، يا ماڻھو فوت ۽ زخمي ٿيا آھن انهن کي وفاق طرفان اعلانيل معاوضو ڏنو ويندو، جنهن بعد ٽيم جي ميمبرن بلوچستان کان زيرو پوائنٽ تي آيل پاڻي جو معائنو ڪيو، ان موقعي تي ايم پي اي سردار چانڊيو ۽ ايم پي اي نادر مگسي به گڏ هئا. وفاق طرفان موڪليل ٽيم آڏو رائيس ڪينال ۽ وارهه برانچ جي مختلف شاخن جي آبادگارن محسن قاضي، سڪندر مگسي، امجد خاصخيلي ۽ ٻين احتجاج ڪندي دانيهو ته هڪ پاسي ٻوڏ سبب فصل تباهه ٿيا آھن ته وري ٻئي پاسي شاخن ۽ واهن ۾ پاڻي جي کوٽ سبب ساريالي فصل جي پوکائي ناهي ٿي سگهي.هنن چيو ته درياءَ ۾ ٻوڏ واري صورتحال آھي ته ٻئي پاسي اسان جا پوکيل فصل پاڻي نه ملڻ ڪري سڪي سڙي رهيا آھن، جنهن تي ايم پي اي نادر مگسي ۽ ايم پي سردار چانڊيو  کين يقين ڏياريو ته واهن ۽ شاخن ۾ پاڻي جي کوٽ جلد ختم ڪرائي ويندي.هوڏانهن آبادگارن کي اي ڊي سي ون امداد ابڙو احتجاج کان روڪيندو رهيو، آبادگارن جي دانهن ۽ نعري بازي  بعد کيئل داس ڪوهستاني آبادگارن  کي چيو ته هو بندن جو جائزو وٺڻ آيا آھن، پاڻي کوٽ معاملو سنڌ سرڪار جو اختيار آھي کين چونداسين ته مسئلو حل ڪن .