اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وزيراعظم سيڪريٽريٽ ۽ هائوس کي سولر انرجي تي منتقل ڪرڻ لاءِ منصوبي جي پي سي ون منظور، 32 ڪروڙ کان وڌيڪ لاڳت سان منصوبو 6 مهينن ۾ مڪمل ٿيندو، تفصيل موجب وزيراعظم طرفان توانائي جي بچت جي حوالي سان جوڙيل ٽاسڪ فورس جي فيصلي جي روشني ۾ اهم سرڪاري عمارتن کي سولر انرجي تي منتقل ڪرڻ جا منصوبا جوڙيا ويا، ذريعن مطابق سي ڊي ڊبليو پي وزيراعظم هائوس ۽ سيڪريٽريٽ کي سولر انرجي تي منتقل ڪرڻ جي منصوبي جي پي سي ون جي منظوري ڏني آهي، ان منصوبي تي 32 ڪروڙ 20 لک رپين جي لاڳت ايندي، جڏهن ته منصوبو 6 مهينن ۾ مڪمل ڪيو ويندو.