ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پي ٽي آءِ ٻيهر اقتدار ۾ ايندي، اسان کي چونڊ مهم هلائڻ جي ضرورت نه پوندي، ايندڙ حڪومت کي ملڪ کي صحيح رخ ۾ وٺي وڃڻ لاءِ سخت فيصلا ڪرڻا پوندا،  اليڪشن  جي تاريخ نه ملڻ جي صورت ۾ حالتون وڌيڪ خراب ٿينديون ، جنهن جو فائدو اسان کي ئي ٿيندو، امپورٽرڊ سرڪار ملڪي معيشت کي تباهه ڪري  رهي آهي، ڪالهه هتي معيشت بابت ڪوٺايل سيمينار کي وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي هن چيو ته ڏکين حالتن ۾ سعودي عرب  ۽ چين اسان جو ساٿ ڏنو، اسان ايڪسپورٽ وڌائڻ طرف ڌيان ڏنو، ڪورونا ۾ معيشت متاثر ٿي، انهي  باوجود اسان قوم کي پار اڪاريو ، مونکي پنهنجي ٽيم تي فخر آهي، جنهن آءِ ايم ايف کان قرض کڻي به ملڪي معيشت کي سنڀاليو، هن چيو ته اسان ملڪ کي بهتري طرف وٺي وڃي رهيا هئاسين، موجوده حڪومت ملڪ کي پوئتي ڌڪي رهي آهي، اسانکي خبر هئي ته هي حڪومت ملڪي معيشت کي تباهه ڪندي،جيڪو اڄ ٿي رهيو آهي، اهو ٿيڻو ئي هو، جيستائين ملڪي معيشت بهتر نه ٿيندي تيستائين ملڪ ۾ بهتري ڪٿان ايندي؟ ماڻهو چون ٿا ته اسين  اقتدار ۾ واپس اچڻ لاءِ اهو سڀ ڪجهه ڪريون پيا پر اسان کي اهو خدشو آهي ته امپورٽڊ ملڪ کي تمام گهڻو پٺتي کڻي ويندا، انهي ڪري اسان جو مطالبو آهي ته سڀ کان پهرين شفاف اليڪشن ڪرايو، هن چيو ته مونکي بحراني حالتن ۾ اقتدار ملي ها ته انڪار ڪري ڇڏيان ها، ڪمزور حڪومت ملڪ کي وڌيڪ ڪمزور ڪندي آهي، هن چيو ته پاڪستان ۾ هر جاءِ تي مافياز ويٺل آهن، سڀ کان وڏي مافيا ريئل اسٽيٽ آهي، جنهن اسلام آباد ۾ 1200 ايڪڙ سرڪاري زمين تي قبضو ڪيو آهي، اسين ايف بي آر ۾ نئين ٽيڪنالاجي آڻي رهيا هئاسين، جيڪا اسانکي آڻڻ نه ڏني وئي، هن چيو ته ايڪسپورٽ ذريعي ملڪ کي بحران مان ڪڍي سگهجي ٿو پر انهي لاءِ ڪو به انتظام ناهي سيڙپڪار سعودي عرب يا ٻين ملڪن ۾ وڃي سيڙپ ڪن ٿا، انهن کي پاڪستان ۾ پنهنجي رقم ٻڏندي نظر ٿي اچي، انهي ڪري هتي سيڙپ نٿا ڪن،ٻاهران سيڙپڪار اچي ملڪ ۾ سيڙپ ڪندا ته بهتري ايندي، هن چيو ته پاڪستان ۾ اهڙو مڪينزم هجي جيڪو پنجن سالن لاءِ هجي، اسان وٽ معيشيت ۾ پوٽيشنل ( سگهه) آهي، خاص طور ٽوئرزم ۾ وڏي سگهه آهي، اسان کي روس کان تيل وٺڻ گهرجن ها،  مونکي اهو به يقين هو ته اسين آمريڪا کي سستو تيل ڏيڻ لاءِ راضي ڪري وٺنداسين، جڏهن ملڪ ۾ انصاف هوندو آهي ته خوشحالي به ايندي آهي، هاڻي حڪومت ۾آياسين ته سڀ کان پهرين انصاف جو نظام ٺيڪ ڪنداسين، ناڻي واري اڳوڻي وفاقي وزير شوڪت ترين چيو ته اسين جڏهن 2018ع ۾ اقتدار ۾ آياسين ته ملڪ خراب حالتن ۾ هو، اسان آءِ ايم ايف کان قرض کڻي ملڪ هلايو، اسان جي دور ۾  پيٽرل 150 رپيا ليٽر ملندو هو، جيڪو اڄ 234 ۾ ملي ٿو، ڊالر 178 مان 222 تي پهچي ويو آهي، ايڪسپورٽ تر  ورتوآهي،  رجيم چينج سبب ملڪي معيشيت متاثر ٿي آهي،