ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي 15 جنوري تي مڪاني چونڊون ڪرائڻ واري فيصلي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن مقرر ڪيل تاريخ تي چونڊون يقيني بڻائي، سنڌ حڪومت کي نفري سميت سمورا انتظام مڪمل ڪرڻ لاءِ پابند ڪري ، ڪالهه پريس ڪانفرنس ڪندي جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو مڪاني چونڊون ۽ اختيار ڪراچي جي 3 ڪروڙ عوام جي ضرورت آهن، آئين جي آرٽيڪل 140 اي تحت مڪاني ادارن کي وسيلا فراهم ڪيا وڃن، هن چيو ته  هڪ ڀيرو ٻيهر ايم ڪيو ايم عوامي مينڊيٽ جو سودو ڪري، وڏيرن ۽ جاگيردارن کي مضبوط پئي ڪري،