وزيراعظم جي ڪري ملڪ ۾ ڪپھ جي پيداوار گھٽ ٿي آھي:اسماعيل راھو

0
389
سنڌ ۾ ڊگهي عرصي کان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) صوبائي وزير اسماعيل راهو چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪپهه جي پيداوار گهٽ ٿيڻ تي ڳڻتي آهي، نالائق وزيراعظم جي ڪري ملڪ ۾60 سيڪڙو ڦٽي جي جننگ فيڪٽريز بند ٿي چڪيون آهن، پنهنجي بيان ۾ اسماعيل راهو چيو آهي ته جيڪي چڪيون هلي رهيون آهن اهي به اڌ گنجائش تي ڪم ڪن پيون، پاڪستان ڪپهه، چانور، کنڊ، فروٽ ۽ سبزيون برآمد ڪندو هو، هن وقت ڪڻڪ، ڪپهه، کنڊ، ٽماٽر ۽ بصر درآمد ڪيا پيا، صوبائي وزير چيو آهي ته هن وقت سموري ملڪ جي ايگروبيس انڊسٽري ٻڏي چڪي آهي، هن چيو آهي ته پيپلزپارٽي جي دور 2011.12 ۾ هڪ ڪروڙ 48 لک بيلز ڪپهه پيدا ٿي ۽ سال 2017.18 ۾ ڪپهه جي ملڪي پيداوار هڪ ڪروڙ 15 لک 81 هزار بيلز هئي، جيڪا سليڪٽڊ جي حڪومت ۾ گهٽ ٿي اڌ تي رهجي وئي آهي، هن چيو آهي ته گذريل سال ڪپهه جي پيداوار فقط 57 لک بيلز هئي، اها 1992 کان پوءِ تمام گهٽ پيداوار آهي، ڪپهه جي ايڪسپورٽ تي زرمبادلو ڪمائڻ وارو ملڪ هن سال ڪپهه جي امپورٽ تي 4 ارب ڊالر جو زرمبادلو ادا ڪندو، هن چيو آهي ته 4 سال پهريان پنجاب ۾ 60 لک ايڪڙ ڪپهه پوکي ٿيندي هئي، وسيم اڪرم پلس سرڪار جي دور ۾ اها ايراضي گهٽ ٿي 38 لک تائين رهجي وئي آهي.