ٿاڻوبولاخان ۾ وڌيڪ ٻن ميچز جو فيصلو: شاهين پرواز ۽ خاصخيلي لائنز ڪامياب

0
266

ٿاڻوبولاخان (ن پ ا) ٿاڻو بولا خان ۾ نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ وڌيڪ ميچز جو فيصلو ٿيو. پھرين ميچ ۾ شاھين پرواز مقرر 10 اوورن ۾ 142 رنسون جو ٽارگيٽ ڏنو، ظھير خاصخيلي 45 ۽ سائين بخش خاصخيلي 30 رنز جي اننگز کيڏي نمايان رهيا. جھولي لال طرفان سنجو 3 وڪيٽون حاصل ڪيون. جواب ۾ جھولي لال ٽيم 89 رنسون ٺاھي سگھي. شاھين پرواز 53 رنز تان ڪاميابي حاصل ڪئي. شاھين پرواز طرفان سائين بخش خاصخيلي ۽ پرويز اشرف پالاري 3-3 وڪيٽون حاصل ڪيون، ظھير خاصخيلي کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو. ٻي ميچ ۾ خاصخيلي لائينز مقرر اوورن ۾ 145 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو، عارف خاصخيلي 16 بالن تي 46 ۽ انور خاصخيلي 14 بالن تي 26 رنسون ٺاھي نمايان رھيا. نيو جيلاني 142 رنسون ٺاھي سگھي، عبدالخالق سوڊاڻي 30 بالن تي 66 ۽ فرحان سوڊاڻي 20 بالن تي 45 رنسون ٺاھي نمايان رھيا. عارف خاصخيلي کي مين آف دي ميچ قرارڏنو ويو.