ٺل ڀرسان چورن هٿان 3 ڀاڳيا زخمي، هڪ چور سوگهو

0
231

ٺل (ن پ ا) ٺل ڀرسان چوري جي واردات دوران مزاحمت تي 3 ڀاڳيا زخمي ٿي پيا، جڏهن ته هڪ مبينا چور کي سوگهو ڪيو ويو آهي، ڳوٺ گلاب چنا ۾ چوري دوران مزاحمت تي چورن جي فائرنگ ۾ 3 ڀاڳيا زخمي ٿي پيا، ڳوٺاڻن مڙسي ڪري هڪ چور امين بنگلاڻي کي پڪڙي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته علائقي ۾ بد امني وڌي وئي، چورن ۽ ڏوهارين خلاف ڪارروائي ڪري امن امان قائم ڪيو وڃي.