سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ ڪورونا ايس او پيز نظر انداز، ڪارروايون

0
369

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ ڪورونا ايس او پيز نظر انداز، بنون ۾ انتظاميا 307 دڪان ۽ 30 مارڪيٽون سيل ڪري ڇڏيون، 110 ماڻهن خلاف ڪيس ڪري 185 کي گرفتار ڪيو ويو، ڪراچي جي ڏکڻ ضلعي ۾ ايس او پيز جي ڀڃڪڙي تي 56 دڪان سيل ڪيا ويا، 4 دڪاندارن کي گرفتار ڪيو ويو، انتظاميھ جو چوڻ آھي تھ ڪورونا ايس او پيز تي عمل ڪري شھري پاڻ کي محفوظ بڻائين، ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف ڪارروايون جاري رھنديون.