اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف سان پاڪستان ٽوبيڪو ڪمپني جي وفد ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ ناڻي وزير اسحاق ڊار، وزيراعظم جو صلاحڪار احد چيما، ايف بي آر چيئرمين ۽ ٻيا لاڳاپيل آفيسر به موجود هئا، وزيراعظم آفيس مان جاري ڪيل بيان مطابق وزيراعظم پاڪستان ۾ سگريٽ ۽ تماڪ جي مصنوعات جي غيرقانوني وڪري جي حوالي سان هنگامي بنيادن تي قدم کڻڻ جي هدايت ڏيندي چيو چيو ته اسمگلنگ ۽ ٽيڪس چوري ۾ملوث ماڻهن خلاف فوري ڪارروائي ڪئي وڃي، وزيراعظم 15 جولاءِ تائين سگريٽن جي تمام ڪارخانن ۾ ٽيڪس چوري جي روڪٿام جي لاءِ ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم لڳائڻ کي به يقيني بنائڻ جي هدايت ڪئي آهي.