وزيراعظم جي زيادتي واري بيان تي جمائما ڇا چيو؟

0
545

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) وزيراعظم عمران خان جي زيادتي جي حوالي سان ڏنل بيان تي اڳوڻي گهرواري جمائما گولڊ اسمٿ هلندڙ سال 8 اپريل جي پنهنجي ٽويٽ ري ٽويٽ ڪري ڇڏي، جنهن ۾ هن جو چوڻ آهي ته کيس ياد آهي ته ڪجهه سال سعودي عرب ۾ هيس ته عبايا ۽ نقاب پاتل بزرگ عورت افسوس جو اظهار ڪيو ته جڏهن هو ٻاهر نڪتي ته نوجوانن هنن جو پيڇو ڪيو ۽ حراسان ڪيو، نوجوانن کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ واحد رستو هي هو ته نقاب هٽايان، مسئلو هي نه آهي ته عورتون ڪهڙي قسم جا ڪپڙا پائن ٿيون، واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ وزيراعظم عمران خان امريڪي ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ۾ چيو هو ته مرد ڪو روبوٽ نه آهي، عورت گهٽ ڪپڙا پائيندي ته ان جو اثر پوندو، اسان وٽ ڊسڪو ۽ نائٽ ڪلب نه آهن، هي هڪ مڪمل طور تي مختلف معاشرو آهي، جڏهن توهان ماڻهن کي ورغلائيندو ته نوجوانن وٽ وڃڻ کانسواءِ ڪا ٻي جڳهه ناهي، پوءِ ان جا ان نتيجا به نڪرندا.