ٽنڊوغلام حيدر (ن پ ا) ٽنڊوغلام حيدر ڀرسان ڳوٺ حاجي کوکر ۾ زرعي زمين جي مسئلي تان کوکر برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب 4 ٻارڙن جو پيءُ 40 ورهين جو محمد قاسم کوکر سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي وارثن پاران سول اسپتال ٽنڊي غلام حيدر آندو ويو، جتي ڳوٺاڻي زخمن جا تاب نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو، اطلاع تي پوليس اسپتال پهچي ضروري ڪارروائي بعد مقتول جو لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، ان حوالي سان مقتول جي وارثن علي محمد ۽ سعيد خان کوکر ٻڌايو ته اسان جو همراهه پنهنجي سروي زمين ۾ ڪم ڪري رهيو هو ته جوابدار بيگناهه هلان ڪري فائرنگ ڪري ڏني، جنهن سبب گوليون لڳڻ سبب اسان جو نوجوان قتل ٿي ويو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي جوابدار گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي، ٻي طرف پوليس ٻڌايو ته واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهيون، جلد جوابدار گرفتار ڪيا ويندا، پوليس وڌيڪ چيو ته مقتول جا وارث ايندا ته ڪيس داخل ڪنداسين.